رافيل نڊال يو ايس اوپن ٽرافي کٽي ورتي

news

نيويارڪ: سومر09سيپٽمبر2019ع: ٽينس اسٽار رافيل نڊال سخت مقابلي کانپوءِ ڊينيل ميدويو کي شڪست ڏئي يو ايس اوپن ٽائيٽل کٽي ورتو، ڪيريئر ۾ 19 هين گرينڊ سليم ۽ چوٿين يو ايس اوپن حاصل ڪري اسپينش اسٽار روجر فيڊرر جي رڪارڊ کان صرف هڪ ٽائيٽل پوئتي رهجي ويو، پنجون ڀيرو سيزن جو خاتمو عالمي نمبر هڪ پوزيشن تي ڪندو.

تفصيل موجب آرٿر ايش ٽينس ايرينا نيويارڪ ۾ سيزن جي آخري گرينڊ سليم يو ايس اوپن جو فيصلائتو معرڪو اسپين جي رافيل نڊال سر ڪري ورتو، اسپينش ٽينس اسٽار ڊينيئل ميدو ديوڪو پنج سيٽ جي سخت مقابلي ۾ 5-7، 6-3، 7-5، 4-6 ۽ 6-6 جي اسڪور تي شڪست ڏني، ۽ ڪيريئر جي 19 هين گرينڊ سليم ۽ چوٿون يو ايس اوپن ٽائيٽل حاصل ڪري ورتو.