ٽنڊو ڄام ۽ ڀرپاسي عزاداري جو سلسلو جاري، ذوالجناح ۽ تعزين جا ماتمي جلوس برآمد

news

ٽنڊوڄام: ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سڄي دنيا جيان ٽنڊو ڄام ۽ ڀرپاسي ۾ به عزاداري جو سلسلو جاري آهي.

ان سلسلي ۾ ٽنڊوڄام جي امام بارگاهه محبوب شاهه، امام بارگاهه پڃيل شاهه، امام بارگاهه فقر علي شاهه جهانيان، امام بارگاهه دالو شاهه، امام بارگاهه محمد حسن شاهه سميت کيسانا موري، حيدر شاهه آبڙي، موسي' کٽياڻ، ڳوٺ سائينداد ڪليري سميت ڀرپاسي جي مختلف امام بارگاهن مان ذوالجناح ۽ تعزين جا ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا. 

جيڪي مختلف رستن تان ٿيندا شهر جي کڏ پاڙي ۽ پاڪستاني چوڪ پهتا. جتي نوحه خواني بعد سينا زني ۽ زنجير زني ڪئي وئي.

جڏهن ته امام بارگاهه فقر علي شاهه جهانيان ۽ امام بارگاهه مير ڄام خان ٽالپر ۾ مجلس عزا برپا ڪئي وئي. جنهن بعد ماتمي جلوس مختلف امام بارگاهن ۾ نهر ڪيا ويا.

جڏهن ته ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي لاء خاص انتظام ڪيا ويا هئا. پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي.

ٻئي پاسي حيسڪو ٽنڊوڄام پاران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب مختلف رستن تي ماتمي جلوسن دوران اونداهي سبب عزادارن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو.