چشما هاڻ سينيما جو مزو ڏيڻ لاءِ تيار

news

بيجنگ: سومر09سيپٽمبر2019ع: چيني ڪمپني ٽي سي ايل ڪانسيپٽ سمارٽ گلاس متعارف ڪرايو آهي جيڪو هوم ٿيٽر جيان ڪم ڪندو آهي. جي ها ان سمارٽ گلاس ۾ 2 او ايل اي ڊي ڊسپلي ڏنيون ويون آهن جيڪي اکين آڏو اهڙو احساس ڏيارينديون آهن جو اوهان ڪنهن سينيما ۾ ئي ويٺا آهيو.

آءِ ايف اي ٽيڪنالاجي نمائش جي دوران ان کي متعارف ڪرايو ويو ۽ سوني، گوگل يا ٻين ڪمپنين جي برعسڪي تي سي ايل پنهنجي سمارٽ گلاس کي تفريحي مقصدن لاءِ تيار ڪيو آهي جنهن ۾ اسپيڪر ڪماڻي ۾ لڳل آهن.

يو ايس بي سي جي مدد سان ان کي سمارٽ فون سان ڪنيڪٽ ڪري سگهجي ٿو ۽ ان کي هلندي گهمندي نه پر آرام سان ويهي ئي استعمال ڪري سگهجي ٿو يا ٽرين ۾ سفر دوران هوم ٿيٽر جو مزو وٺي سگهجي ٿو.

اکين آڏو موجود 2 ڊسپلي ايتريون وڏيون آهن جو فلم ڏسندي سينيما جو احساس ته ٿيندو ئي پر اکين آڏو منظر پڻ ڏسي سگهجي ٿو. دماغ کي اهو دوکو ڏيڻ لاءِ اوهان 100 انچ اسڪرين تي فلم ڏسي رهيا آهيو، اها ڊيوائس بهترين ڪم ڪري ٿي، بلڪل ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اوهان ڪنهن ننڍي ڪمري ۾ نه پر ملٽي پليڪس سينيما ۾ موجود آهيو.