شھدادپور: شھدادپور ۾ 9 محرم الحرام جو ماتمي جلوس ملدسي روڊ جي شھيد پير کان برآمد ٿيو. جنھن ۾ سينا زني، زنجير زني ۽ گرزن جو ماتم ڪري ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
ماتمي جلوس ملدسي روڊ کان گذرندو امام بارگاھ علي المرتضيٰ پھتو. جتي زنجير زني ۽ ماتم ڪيو ويو. ماتم بعد مجلس عزا برپا ٿي.
ٻئي طرف شھدادپور ۾ انتظاميا جي نااھلي سبب روڊن تي گندو پاڻي بيٺل رهيو. جڏهن ته صفائي سٿرائي جو ڪو به بندوبست ٿيل نه هو. جنهن سبب عزادارن کي گهڻي حد تائين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.
جڏهن ته سخت گرمي ۾ حيسڪو پاران بجلي جي بندش سبب عزادارن کي سخت ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن.