برطانوي پارليامينٽ ۾ وقت کان اڳ اليڪشن جي قرارداد ٻيون ڀيرو رد

news

لنڊن: اڱارو10سيپٽمبر2019ع: برطانوي پارليامينٽ وقت کان اڳ اليڪشن جي قرارداد هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏي.

تفصيل موجب برطانوي وزيراعظم بورس جانسن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌچڪو لڳي ويو، وزيراعظم برطانوي پارليامينٽ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ لاءِ اسيمبلي ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ٻيون ڀيرو ناڪام رهيو.

بورس جانسن وقت کان اڳ اليڪشن ڪرائڻ ۾ پارليامينٽ ۾ ٻه حصا اڪثريت جي ضرورت هئي، برطانوي وزيراعظم کي 419 ميمبرن جي حمايت گهربل هئي جڏهن ته 293 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.