بولان ميل جون ٽي بوگيون پٽڙي تان لهي ويون

news

سيوهڻ: اڱارو10سيپٽمبر2019ع: سيوهڻ شريف ڀرسان بولان ميل ٽرين جون 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، حادثي ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو.

تفصيل موجب ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ بولان ميل کي حادثو بوبڪ ريلوي اسٽيشن ويجهو پيش آيو، جتي مسافر ٽرين جون ٽي بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.

خوش قسمتي سان واقعي ۾ ڪنهن قسم جو جاني نقصان نه ٿيو جڏهن ته حادثي کانپوءِ ذڪر ڪيل ٽريڪ تي ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي آهي.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي ريلوي اختيارين امدادي ڪارروائين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽن ڪلاڪن دوران ٽريڪ بحال ڪيو ويندو.

ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو کي هر طرح جي ريلوي اختيارين سان مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.