ارميلا مٽونڊڪر ڪانگريس تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

news

ممبئي: اڱارو10سيپٽمبر2019ع: ڀارتي اداڪارا ارميلا مٽونڊڪر ڪانگريس تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا موجب ناليواري بالي ووڊ اداڪارا ۽ سياستدان ارميلا ماٽونڊڪر تقريبن 6 مهينا اڳ ئي ڀارتي سياسي پارٽي ڪانگريس ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي پر هاڻ هن ڪانگريس چيف سونيا گانڌي کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ هن پارٽي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

ان کانپوءِ ارميلا پارٽي تان استعيفيٰ ڏيڻ تي هڪ پريس رليز پڻ جاري ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته اها ڳالهه يقيني آهي ته ممبئي ڪانگريس جا اهم ڪارڪن ڪنهن ڪم جا ناهن رهيا يا وري هوءَ پارٽي ۾ بهتري طرف تبديلي آڻڻ لاءِ پرعزم ناهن جڏهن ته منهنجي سياسي ۽ سماجي حساسيت پارٽي ۾ وڏي هدف تي ڪم ڪرڻ بدران ذاتي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ کان انڪاري آهي.