ڪوريئڙي جي زهر مان ماحول دوست ڪيڙا مار دوا جي تياري

news

سڊني: اڱارو10سيپٽمبر2019ع: ڪوريئڙن جا ڪيترائي قسم قدرتي طور تي زهر سان سلهاڙيل هوندا آهن جنهن سان هو ڪنهن حملي آور کان بچاءُ لاءِ يا وري پنهنجي شڪار کي مارڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن، پر هاڻ نئين قسم جي ماحول دوست ڪيڙي مار دوائن جي تياري ۾ اهو ئي زهر استعمال ڪيو پيو وڃي.

ڪوريئڙي جو زهر ڪنهن ڪيڙي کي صرف ان ئي وقت نقصان پهچائيندو آهي جو جڏهن هو ان جي جسم ۾ پهچي وڃي، يعني جيڪڏهن هو زمين تي ڦهلجي وڃي يا هوا ۾ وکري وڃي ته اهو بلڪل بي اثر رهندو آهي، اهائي خاصيت آهي جو ڪوريئڙي جي زهر کي هڪ اثرائتو ۽ ماحول دوست ڪيڙي مار دوا جو اميدوار بڻائي ٿو.

سالن جي تحقيق ۽ تجربن کانپوءِ هاڻ هڪ آمريڪي بايوٽيڪ ڪمپني ڪوريئڙي جي زهر تي ٻڌل هڪ نئين ڪيڙا مار دوا مارڪيٽ ۾ پيش ڪئي آهي جيڪا صرف اهڙن ئي ڪيڙن کي خاص طور تي نشانو بڻائيندي جيڪا ٻوٽن جيم ختلف حصن کي وڏي باريڪي سان چٻاڙي ڇڏيندي آهي، جن ۾ ٿرپس ۽ اڇي مک وغيرا شامل آهن، جنهن ڪوريئڙي جي زهر سان اها ڪيڙا مار دوا ٺاهي وئي آهي اهو آسٽريليا ۾ بليو مائونٽين جي علائقي ۾ ملي ٿو ۽ فنل ويب اسپائيڊر چيو ويندو آهي.

ان دوا جو نشانو بڻجندڙ ڪوبه ڪيڙو ان جي ور چڙهڻ ۽ ان کي ڳيهڻ جي ڪجهه ڪلاڪن ۾ مري ويندو آهي جڏهن ته اها دوا پاڻمرادو صرف ٻن ڏينهن جي اندر اندر تحليل ٿي بي اثر مادن ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، ان کان علاوه ان کي تيار ڪرڻ جي لاڳت به چڱي گهٽ آهي جيڪا ان جي مقبوليت ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿي.