ڪربلا ۾ عاشوري جي جلوس دوران حادثو، ايڪٽيهه پانڌيئڙا شهيد، ڇهانوي زخمي

news

عراق: اڱارو10سيپٽمبر2019ع: ڪربلا ۾ پل جو حصو ڪرڻ سبب 31 پانڌيئڙا شهيد ۽ 96 زخمي ٿي پيا آهن.

عراقي اختيارين موجب حادثو عاشوري جي جلوس دوران پيش آيو۔

پل جو حصو ڪرڻ سبب پانڌيئڙن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

حادثي ۾ 31 پانڌيئڙا شهيد جڏهن ته 96 زخمي ٿي پيا.