ڳالهيون ختم ڪرڻ تي واشنگٽن پڇتائيندو: طالبان خبردار ڪري ڇڏيو

news

دوحا: اڱارو10سيپٽمبر2019ع: طالبان جي ترجمان خبردار ڪيو آهي ته ڳالهيون ختم ٿيڻ تي واشنگٽن پڇتائيندو، ڳالهيون هجن يا ويڙهه، مقصد پرڏيهي فوج کي افغانستان مان ڪڍڻ آهي.

تفصيل موجب افغان امن ڳالهيون رد ٿيڻ کانپوءِ افغانستان ۾ آمريڪي فوج طالبان جي ڪارروائين ۾ تيزي اچي وئي آهي. طالبان اتر صوبي تخار جي هڪ ٻئي ضلعي تي قبضو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير چوي ٿو ته ڏهن ڏينهن ۾ هزارين طالبان مارجي چڪا آهن.

پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي طالبان جي ترجمان خبردار ڪيو آهي ته ڳالهيون ختم ٿيڻ تي واشنگٽن پڇتائيندو، ترجمان جو چوڻ هو ته ڳالهيون هجن يا ويڙهه، مقصد پرڏيهي فوج کي افغانستان مان ڪڍڻو آهي، آمريڪا ڳالهين جو رستو بند ڪيو، هاڻ ويڙهه جو رستو ئي باقي بچيو آهي.

هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پمپيو جو چوڻ آهي گذريل ڏهن ڏينهن جي اندر هزارين طالبان ويڙحاڪ آمريڪي فوج جي هٿان مارجي چڪا آهن.