خيبرپختونخواهه ۾ ڊينگي جا ٽي سئو اوڻونجاهه نوان ڪيس سامهون اچي ويا

news

پشاور: (اربع 11 سيپٽمبر2019ع) خيبرپختونخواهه ۾ ڊينگي جا 349 ڪيس سامهون اچي ويا آهن.

خيبرپختونخواهه جي صحت کاتي به صوبي ۾ 349 نوان ڪيس رپورٽ يڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب پشاور ۾ هلندڙ سال جي دوان 703 ماڻهن ۾ ڊينگي جي تصديق ٿي آهي.

ضلعي خيبر ۾ 150، ڪوهاٽ ۾ 52 ۽ ايبٽ آباد ۾ 32 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جاري ٿيل انگن اکرن موجب صوبي ۾ ڊينگي ڪيسن جي تعداد 1054 ٿي وئي آهي.