سري لنڪن بورڊ پاڪستان جي دوري کان انڪار ڪندڙ رانديگرن خلاف ايڪشن کڻي ورتو

news

ڪولمبو: (اربع 11 سيپٽمبر2019ع) سري لنڪن ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري کان انڪار ڪندڙ رانديگرن جي خلاف ايڪشن کڻي ورتو.

ذريعن موجب سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن جي انڪار کي غلط قرار ڏيندي چيو آهي ته نيشنل ڊيوٽي کان انڪار ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ جي خلاف ورزي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته  سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي رانديگرن کي اين او سي نه ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جون ٽيمون 27 سيپٽمبر کان 9 آڪٽوبر جي وچ ۾ پاڪستان ۾ 3 هڪ ڏينهن وارا ميچ ۽ 3 ٽي 20 ميچون کيڏندا. سريلنڪا جي ٽيم 25 سيپٽمبر تي ڪراچي پهچندي جتي 27 سيپٽمبر، 29 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي 3 هڪ ڏينهن وارا ميچ کيڏيا ويندا.

سريلنڪا جي 10 سينئر رانديگرن پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جنهن ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ جي ڪپتان ديموتهه ڪرونارتني، ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان لسيتهه ملنگا ۽ اڳوڻو ڪپتان انجيلو ميتهيوز به شامل آهن.