پاڪستان ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تي پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

news

بينڪاڪ: (اربع 11 سيپٽمبر2019ع) پاڪستان فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي ايڪشن پلان تي عمل بابت پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.

ايف اي ٽي ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ ايڪشن پلان تي عمل بابت ڳالهيون بينڪاڪ ۾ ٿيون جنهن ۾ پاڪستاني ٽيم جي اڳواڻي وفاقي وزير حماد اظهر ڪئي. وفاقي وزير حماد اظهر ٻڌايو ته ايف اي ٽي ايف جي ٽيڪنيڪل ٽيم سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٽيڪنيڪي سطح تي هر چئن مهينن جي اڳڀرائي تي اختيارين کي بريف ڪيو ويو، پاڪستان گذريل 4 کان 5 مهينن ۾ حدفن کي حاصل ڪيو آهي، ايف اي ٽي ايف اختيارين کي ڏنل بريفنگ اڳ کان اثرائتي رهي.

حماد اظهر چيو ته ايف اي ٽي ايف جو ٽيڪنيڪل وفد پاڪستان جي بريفنگ تي رپورٽ ٺاهيندو، جيڪا ايندڙ مهيني ايف اي ٽي ايف جي ميمبر ملڪن کي پيش ڪئي ويندي، جنهن جي روشني ۾ پاڪستان جي اسٽيٽس جو فيصلو ڪيو ويندو. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو.