سريلنڪا جي رانديگرن کي پاڪستان جي دوري کان ڀارت ناهي روڪيو: راندين وارو وزير

news

ڪولمبو: (اربع 11 سيپٽمبر2019ع) سريلنڪا جي راندين واري وزير بيرن فرنينڊو چيو آهي ته رانديگرن کي پاڪستان جي دوري کان روڪڻ ۾ ڀارت هٿ ملوث هجڻ جون خبرون ڪوڙيون آهن.

سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي پنهنجي بيان ۾ بيرن فرنينڊو چيو آهي ته ڪجهه رانديگر 2009 ۾ ٿيندڙ دهشتگردن جي حملي کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۾ ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪيو. ان جي فيصلي جو احترام ڪندي ٻين رانديگرن کي چونڊ ڪيو. هڪ مضبوط ٽيم ميدان ۾ لاهينداسين.

پاڪستان کي هوم گرائونڊ تي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي وزير سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي فواد چوڌري چيو هو ته سريلنڪا جي رانديگرن پاران پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪرڻ جي پويان ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو هٿ آهي.

هن چيو هو ته ڪرڪيٽ جي ميدان جون خبرون رکندڙ ٻڌائي رهيا آهن ته  ڀارتي ڪرڪيٽ جا ڪرتا ڌرتا سريلنڪا جي رانديگرن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن هو پاڪستان جي دوري تي ويا ته آءِ پي ايل کان پاڻ کي فارغ سمجهن.

خلا کان وٺي ڪرڪيٽ تائين هر معاملي ۾ ڀارت جي نفرت جاهلانه آهي. ڀارتي اسپورٽس اٿارٽيز کي ان معاملي ۾ شرم اچڻ گهرجي. ياد رهي ته سريلنڪا جي 10 رانديگرن پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.