ڀارتي اداڪاره ارميلا ڪانگريس تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

news

ممبئي: (اربع 11 سيپٽمبر2019ع) ڀارتي اداڪاره ارميلا ماٽونڊڪر ڪانگريس تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب مشهور بالي ووڊ اداڪاره ۽ سياستدان ارميلا ماٽونڊڪر تقريبن 6 مهينا اڳ ئي ڀارتي سياسي پارٽي ڪانگريس ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي پر هاڻ هن ڪانگريس جي چيف سونيا گاندهي کي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ هن پارٽي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجي خط ۾ ارميلا ماٽونڊڪر لکيو آهي ته مان بطور پارٽي ميمبر ۽ ڪانگريس جي ٻين سمورن پارٽي عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪريان ٿي. مان پارٽي جي شڪر گذار آهيان جنهن مون کي شموليت جو موقعو ڏنو. جنهن کان پوءِ ارميلا پارٽي تان استعيفيٰ ڏيڻ بابت هڪ پريس رليز به جاري ڪئي جنهن ۾ هن چيو آهي ته اها ڳالهه يقيني آهي ته ممبئي ڪانگريس جا اهم ڪارڪن هاڻ ڪنهن به ڪم جا ناهن رهيا يا پوءِ هي پارٽي ۾ بهتري جي طرف تبديلي آڻڻ جي لاءِ پرعزم ناهن. جڏهن ته منهنجي سياسي ۽ سماجي حسياست پارٽي ۾ وڏي حدف تي ڪم ڪرڻ جي بجاءِ ذاتي مفاد جي لاءِ ڪم ڪرڻ کان انڪاري آهي.

ارميلا ماٽوندڪر چيو هو ته مان پنهنجي سوچ ۽ نظرين سان گڏ اڄ به بيٺل آهيان ۽ جن ماڻهن جي بهتري لاءِ پنهنجي صلاحيتن موجب ايمانداري سان ڪم ڪندي رهندس. مان ان سمورن ماڻهن جي شڪر گذار آهيان جنهن منهنجي سياسي سفر ۾ منهنجو ساٿ ڏنو.