ايپل پهريون ڀيرو ٽن ڪيميرائن واري آئي فون متعارف ڪرائي ڇڏي

news

نيويارڪ: اربع11سيپٽمبر2019ع: مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل انڪارپوريشن 5 ڊالر في مهيني ۾ ٽي وي اسٽريمنگ سروس ۽ 3 ڪيميرائن واري نئين آئي فون متعارف ڪرائي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ايپل جو اهو اعلان ڪمپني جي سال جي سڀ کان وڏي تقريب دوران سامهون آيو جتي هن ڪيتريون ئي نيون شيون متعارف ڪرايون.

ايپل ٽي وي پلس اسٽريمنگ ٽيليوزن سروس 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ نومبر جي مهيني ۾ موجود هوندي جڏهن ته اها سروس ۽ ايپل آرڪيڊ وڊيو گيم سبسڪرپشن چين ۾ موجود نه هوندي. آئي فون، آئي پيڊ ۽ ميڪ جا خريدار هڪ سال جي لاءِ ٽي وي جي مفت اسٽريمنگ سروس حاصل ڪري سگهن جنهن جي ڪري لکين ڏسندڙن جي توجهه ان سروس طرف هوندي.

ايپل جو چوڻ هو ته انهن جي نئين آئي فون 11، ٻن بيڪ ڪيميرائن سان هوندي، جنهن ۾ الٽرا وائڊ اينگل لينس شامل هوندو جڏهن ته ان ۾ نيو جنريشن جي مائيڪرو چپس اي 13 جو استعمال ڪيو ويو آهي. ان جي تعارفي قيمت به گذريل سال جي 749 ڊالر جي مقابلي ۾ تعارفي قيمت 699 ڊالر رکي وئي آهي.

ان سان مهانگي آئي فون 11 پرو جي پويان 3 ڪيميرائون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ وائڊ اينگل، ٽي لي فوٽو ۽ الٽرا وائڊ شامل آهي، اها فون هڪ وقت ۾سمورين بيڪ ۽ فرنٽ ڪيميرائن سان وڊيوز ٺاهي سگهي ٿي، ان فون جي قيمت 999 ڊالر کان شروع ٿيندي ۽ مختلف اسٽوريج جي حساب سان الڳ الڳ قيمت رکي وئي آهي، وڏي اسڪرين واري آئي فون 11 پروميڪس جي قيمت هڪ هزار 99 ڊالر کان شروع ٿيندي.