پاڪستان جي نظرئي بابت نريندر مودي زهر اوڳاڇڻ لڳو

news

نئين دلي: اربع11سيپٽمبر2019ع: بابري مسجد جي شهادت ۽ گجرات ۾ مسلمانن جي قتل عام جي حوالي سان گجرات جي ڪاسائي جي نالي سان شهرت رکندڙ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي دهشتگردي کي بيناد بڻائي پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

نريندر مودي نائن اليون جا 18 سال پورا ٿيڻ تي دهشتگردي کي عالمي خطرو چيو ۽ پاڪستان جي نظرئي کي دهشتگردي جو بنياي سبب قرار ڏنو.

والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين پامالي ۽ 5 آگسٽ 2019ع کان جاري ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون کي فخريا انداز سان بيان ڪندي مودي چيو ته گذريل ڏينهن ۾ سندس حڪومت دهشتگردن خلاف جرعت منداڻا قدم کنيا آهن.

نريندر مودي الزام هنيو ته پاڪستان ڳجهي طور تي سيالڪوٽ، جمون ۽ راجسٿان سيڪٽرز ۾ وڏي ڪارروائي جون تياريون ڪري رهيو آهي.