ڪيترن ئي ڪريڊٽ ڪارڊز جي ڄاڻ ياد ڪري استعمال ڪندڙ ٺڳ گرفتار

news

ٽوڪيو: اربع11سيپٽمبر2019ع: الله انسانن کي ڪا نه ڪا صلاحيت ضرور بخشي آهي پر غير معمولي صلاحيتن رکندڙ ماڻهو اڪثر وقتن ۾ ان جو غلط استعمال ڪندا آهن، اهڙو ئي هڪ واقعو جاپان ۾ پيش آيو جتي هڪ وڏي اسٽور جي ڪلارڪ نه صرف پنهنجي فوٽُ گرافڪ يادداشت سان 1300 ماڻهن جي ڪريڊٽ ڪارڊز جا  تفصيل ياد رکيا پر انهن کي آن لائن استعمال پڻ ڪيو.

جاپاني شهر ڪوٽو جي رهواسي 34 ورهين جو يوسوڪي تاني گوچي هاڻ گرفتار ٿي چڪو آهي ۽ ان تي 1300 ماڻهن جا ڪريڊت ڪارڊ استعمال ڪندي انٽرنيٽ تي شيون خريد ڪرڻ جو الزام ثابت ٿي ويو آهي.

اهو ڪلارڪ پنهنجي غير معمولي حافظي جي بنياد تي ماڻهن جي نالي ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ ڪمپني ۽ پاسورڊ ياد ڪري وٺندو هو، ان کانپوءِ هو ان کي هڪ ڊائري تي لکندو هو، اهڙي طرح هڪ هزار کان وڌيڪ گراهڪن جي ڊيٽا هن ياد ڪري ورتي.

يوسوڪي موجب ان کي سمورا تفصيل ياد ڪرڻ ۾ ڪجهه سيڪنڊ ئي لڳندا آهن ۽ هو 16 نمبرن وارو ڪريڊٽ ڪارڊ نمبر فوري ياد ڪري وٺندو آهي، ان سان گڏوگڏ هو ڪريڊٽ ڪارڊ ڪمپني، سيڪيورٽي ڪورڊ، ختم ٿيڻ جي تاريخ ۽ ٻي ڄاڻ کي ياد ڪري ڪجهه دير کانپوءِ هڪ ڊائري ۾ لکي ڇڏيندو هو، ان کان ملندڙ ڊائري ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا تفصيل مليا آهن.

ان کانپوءِ هن ڪريڊٽ ڪارڊ جي ڄاڻ کي هوٽلن، شاپنگ سينٽر ۽ آن لائن خريداري ۾ پڻ استعمال ڪيو جن ۾ 2500 ڊالر جي بيگ به شامل آهي.