سون جي في تولو قيمت ۾ ڇهه سئو روپيا لاٿ

news

ڪراچي: اربع11سيپٽمبر2019ع: في تولو سون جي قيمت ۾ 600 روپيا لاٿ کانپوءِ 84 هزار 400 روپيا ٿي وئي.

في تولو سون جي قيمت ۾ 600 روپيا گهٽتائي ٿي، في تولو سون جي قيمت 84 هزار 400 روپيا ٿي وئي.

10 گرام سون 515 روپيا سستو ٿي ويو، 10 گرام سون جي قيمت 74 هزار 931 روپيا ٿي وئي.

انٽربينڪ ۾ ڊالر 2 پئسا سستو ٿيو، انٽر بينڪ ۾ ڊالر 156.32 کان گهٽجي 156.30 روپين تي وڪرو ٿيو.