ڀارتي ۽ چيني فوج وچ ۾ لداخ جي علائقي ۾ جهڙپون، سرحدي ڇڪتاڻ ۾ اضافو

news

نئين دهلي: (خميس 12 سيپٽمبر2019ع) ڀارتي ۽ چيني سپاهين جي وچ ۾ لداخ جي علائقي ۾ هاٿا پائي ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سرحدي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڀارت ۽ چين جي فوج وچ ۾ تڪرار جو واقعو مشرقي لداخ ۾ 134 ڪلو ميٽر ڊگهي پان گونگ ٽسو جهيل جي اتر ڪناري تي صبح جي وقت پيش آيو. ڀارتي فوج جي هڪ دستي گشت دوران چين جي علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي انهن کي چيني فوج کي منهن ڏيڻو پيو. چين جي پيپلز لبريشن آرمي ان علائقي ۾ ڀارتي فوج جي موجودگي تي سخت اعتراض اٿاريا آهن. ان دوران ڀارتي فوج جي طرفان هرون ڀرون چڙ ڏيارڻ جو مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ صورتحال هاٿا پائي تائين پهچي وئي ۽ ٻنهي فوج جا سپاهي هڪ ٻئي سان اٽڪي پيا. پر هنن ٻنهي فوجن اسلحي جي استعمال کان پاسو ڪيو جنهن سبب ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو. ٻنهي فوجن علائقي ۾ پنهنجي پنهنجي اضافي نفري طلب ڪري ورتي آهي ۽ شام تائين ڇڪتاڻ جو هي سلسلو هلندو رهيو.

تڪرار کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ برگيڊيئر سطح تي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت ۽ چين وچ ۾ لائن آف اڪچوئل ڪنٽرول(ايل اي سي) جي باري ۾ مختلف سببن جي ڪري اهڙي طرح جا واقعا پيش ايندا رهندا آهن. 15 آگسٽ 2015 تي به ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ ساڳئي علائقي ۾ هڪ وڏي جهڙپ ٿئي جنهن ۾ لتن، ٺونشن ۽ سرين جو آزادانه استعمال ڪيو ويو جنهن سبب ڪيترائي فوجي زخمي به ٿي پيا هئا.

ڀارتي فوج ايندڙ مهيني رياست اروناچل پرديش ۾ وڏيون فوجي مشقون(هم وجي) ڪندي جنهن ۾ پنهنجي نئين فورس انٽي گريٽڊ بيٽل گروپس(آئي بي جيز) جي جنگي صلاحيتن جي آزمائش ڪئي ويندي. ڀارتي ميڊيا موجب ان مشقن ۾ 15 هزار فوجي حصو وٺندا جڏهن ته چين کي ان فوجي مشقن بابت باضابطه طور تي آگاهه ناهي ڪيو ويو. حالانڪه چيني صدر شي جن پنگ هڪ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ مهيني ڀارت جو به دورو ڪندو.