ڪراچي گلشن معمار ويجھو اڻڄاتل ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل

news

ڪراچي: گلشن معمار ويجھو مينگل ڳوٺ ۾ اڻڄاتل ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ جيڪب آباد جو رھواسي حفيظ اللھ ولد مير بروھي فوت ٿي ويو.

فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون، جلد مقتول جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.