پي ٽي آئي حڪومت متحده قومي موومينٽ هٿان استعمال ٿي رهي آهي: جلال محمود شاهه

news

ڪراچي: ڪراچي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته قانون جي وفاقي وزير جو بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي.

ڪراچيءَ مان جاري ڪيل پريس بيان ۾ سيد جلال محمود شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين وفاق صوبن جي معاملن ۾ هروڀرو مداخلت ڪندو رهيو آهي. پوءِ چاهي اهو ون يونٽ جي صورت ۾ هجي يا نواز ليگ واري دور حڪومت ۾ آرٽيڪل 221 جو نفاذ هجي جيڪو پڻ غيرقانوني ۽ غير آئيني عمل هو. فروغ نسيم پاران آرٽيڪل 149 اي جي نفاذ جون ڳالهيون بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهن ڇو ته وفاق، صوبائي معاملن ۾ صرف هدايتون ڏئي سگهي ٿو. مداخلت نه ٿي ڪري سگهي ان عمل سان خود وفاق بحران ۾ اچي ويندو.

سيد جلال محمود شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آئي حڪومت متحده قومي موومينٽ هٿان استعمال ٿي رهي آهي اردو آباديءَ جو هڪ تعصب پرست ٽولو جن اڳ ۾ به اهڙي ڪوشش ڪئي ۽ هاڻي به ڪوشش ڪري رهيا آهن ناڪام ٿيندا.

ايس يو پي سربراهه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي ناڪامي، ميئر جي نااهلي جي سزا سنڌ کي ڏيڻ ناداني ٿيندي. سنڌ ۾ هنيئر ڪرپشن جي پئسي تي مکيون ۽ مڇر پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن.

ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن ان ويڙهه ۾ سنڌ کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو ته وفاق پڻ بحرانن جي ور چڙهي ويندو.

ڪراچي ڪميٽي جي حوالي سان سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي لاءِ صرف قومي اسيمبلي پاران تجويز ڪيل ڪميٽي ئي نگراني ڪري سگهي ٿي باقي ڪابه ڪميٽي غيرقانوني ۽ غير جمهوري تصور ڪئي ويندي.

سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ اسان جو وطن آهي جيڪڏهن آئين جي غلط تشريح ڪري ڪوبه غلط فيصلو مڙهيو ويو ته سنڌ جو عوام ان کي ڪنهن به صورت ۾ ڪونه قبوليندو ۽ پنهنجي مادر وطن جي حقن جو ڀرپور دفاع ڪندو.