پنهنجي پيٽ ۾ موجود ڏندن سان گوڙ ڪندڙ ڪيڪڙو

news

نيويارڪ: خميس12سيپٽمبر2019ع: حيوانيات جي ماهرن درياف ڪيو آهي ته هڪ طرح جو ڪيڪڙو پنهنجي پٽ ۾ موجود ڏندن کي استعمال ڪندي آواز ڪندو آهي ته جيئن حملي آورن ۽ شڪارين کي ڀڄائي پنهنجي حياتي جو تحفظ ڪري سگهي.

ڦڪي رنگ جو اهو عام سامونڊي ڪيڪڙو خط استوا جي ويجهن سامونڊي علائقن تي تمام گهڻو ملندو آهي جنهن کي گهوسٽ ڪريب چيو ويندو آهي، جڏهن ته ڪوبه حملي آور يا شڪاري ان جي ويجهو پهتي ٿو ته اهو پنهنجي سخت چنبن کي پاڻ ۾ ٽڪرائي گوڙ ڪندو آهي ته جيئن اهو ڀڄي وڃي.

جيتوڻيڪ ڪجهه ڍٺيرا حملي آور اهڙا به هوندا آهن جيڪي باز ناهن ايندا ۽ ويجهي ايندا رهندا آهن، جڏهن ته اهڙو ڪوبه حملي آور وڌيڪ ويجهو اچي ويندو آهي ته گهوسٽ ڪريب پنهنجا چنبا کڻي کوليڇ ڏيندو آهي ته جيئن دشمن سان مقابلو ڪري سگهي.

جيتوڻيڪ ان حالت ۾ ڪيڪڙي جي چنبن سان گوڙ پيدا ناهي ٿيندو پر پوءِ به ان مان غراهٽ جهڙا آواز نڪرندا رهدنا آهن، جڏهن ته ظاهري طور تي اهو ڪا اهڙي حرڪت ناهي ڪندو جنهن سان گوڙ پيدا ٿي سگهي. ته پوءِ ائين ڇو ٿيندو آهي؟ اهو ڄاڻڻ لاءِ گذريل ڏينهن ۾ اسڪرپس اسنٽيٽيوٽ آف اوشنوگرافي جي تحقيق ڪندڙ جينيفر ٽيلر ۽ ان جي ساٿين مختلف ڪيفيتن ۾ گهوسٽ ڪريب جي ايڪسري ڪرائي، جنهن مان انڪشاف ٿيو ته اهو ڪيڪڙو پنهنجي پيٽ ۾ موجود ڏندن کي پاڻ ۾ ٽڪرائيندو ۽ گسائيندو آهي جنهن سان گوڙ جو آواز خارج ٿيندو آهي.