ٽنڊو محمد خان ۾ جماعت اسلامي جي عورتن ونگ پاران ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي

news

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ۾ جماعت اسلامي جي عورتن  پاران  ڪشميري عوام سان  ٿيندڙ ظلم ۽ زياديتن خلاف يڪجهتي طور پريس ڪلب سامهون ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي ته ريلي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير  ڊاڪٽر عبدالعزيز گدي پٺاڻ، جماعت اسلامي  جي ليڊز ونگ جي ضلعي ناظمه آپا شمائلا، سٽي ناظمه ريحانه عشرت، اڪرم بيگ ۽ ٻين چيو ته ڪشميري عوام سان ڀارت جي انتهاپسند مودي سرڪار ظلم ۽ زيادتين جي انتها ڪري ڇڏي آهي.

ڪشميري عوام جو قتل عام ڪيو وڃي پيو. عالمي برادري اڃان تائين خاموش تماشائي بڻيل آهي. جنهن صرف قتل عام جي مذمت ڪئي پر ڀارتي جارحيت جي روڪڻ لاءِ عالمي سطح تي قدم نه کنيا ويا آهن. جيڪو عمل انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏيو آهي.

وفاقي حڪومت کي فوري طور ڀارت سان پنهنجا سفارتي تعلقات ختم ڪرڻ گهرجن. پوري قوم ڪشميري عوام سان هر قدم تي گڏ آهي.

هنن چيو ته مسلمانن تي ظلم ٿيندو آهي ته علمي برادري يا انصاف ڏيندڙ گڏيل قومن جهڙا ادارا خاموش رهندا آهن.