ڪانگو: خميس12سيپٽمبر2019ع: وچ آفريڪي ملڪ ڪانگو ۾ ٽرين حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽرين کي حادثو پٽڙي تان لهي وڃڻ سبب پيش آيو. ڪانگو جي انساني حقن بابت وزيراعظم حادثي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٽرين کي حادثو ڏکڻ اوڀر صبي تنگانيڪا جي علائقي ۾ بريدي ۾ رات ٽي وڳي پيش آيو.
هن حڪومت طرفان حادثي ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي دلي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي اميد جو اظهار ڪيو.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 50 ڄڻن جي فوتگي کان علاوه 23 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا ۽ فوتگين جي تعداد ۾ واڌ جو پڻ خدشو آهي ڇو ته اڃان ماڻهو ٽرين جي ڊٻن ۾ ڦاٿل آهن.