نئون ديرو ۾ دڪاندار کان ڦر، ڪيس داخل نه ٿيو

news

نئون ديرو: نئون ديرو ۾ ڦورو سرگرم ٿي ويا، شهر جي مصروف ترين روڊ تان ڦورو دڪاندار کان ڦر ڪرڻ بعد آسانيءَ سان فرار، پوليس اگهور ننڊ ستل، ڦرجي ويل دڪاندار جو واقعي خلاف احتجاج، ڦرجي ويل رقم واپس ڏياري ڦورن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو.

خبر موجب نئون ديرو شهر ۾ ڦورو سرگرم ٿي ويا شهر جي مصروف ترين روڊ تان ميونسپل چيئرمين جي گهر سامهون اليڪٽرڪ جي دڪاندار علي ڏنو ڪلهوڙو کي موٽرسائيڪل تي سوار ٻن نامعلوم ڦورن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 20 هزار روڪ ڦر ڪرڻ بعد آسانيءَ سان فرار ٿي ويا.

اطلاع تي نئون ديرو پوليس پهچي دڪاندار کان معلومات وٺڻ بعد واپس موٽي وئي ۽ ڦورن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي.

هوڏانهن ڦرجي ويل دڪاندار پاران ڦر واقعي خلاف احتجاج ڪندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي مسعود بنگش کان مطالبو ڪيو ته ڦورن خلاف ڪاروائي ڪري ڦرجي ويل رقم واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي.