ميرپور ماٿيلو جي عدالت پاران ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي پنج سال ٽيپ

news

ميرپور ماٿيلو: ميرپور ماٿيلو ۾ دھشتگردي جي انت واري عدالت پاران گھوٽڪي جي رھواسي ٻن جوابدارن کي اظھر ميراڻي ۽ ظھير ميراڻي مٿان شھرين کان ڀتو وٺڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻنھي جوابدارن کي 5 پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي.

ياد رھي ته 9 مھينا اڳ اي سيڪشن گھوٽڪي ٿاڻي تي سرڪار پاران اھڙو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.