ڳوٺ محمد خان مغيري جي رهواسين جو پوليس ۽ بااثر جي ڏاڍاين خلاف احتجاج

news

نوابشاهه: گپچاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد خان مغيري جي رهواسين امير علي مغيري، عزيزالله مغيري، مجيب الرحمان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بااثر ۽ گپچاڻي پوليس جي ظلمن خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گپچاڻي پوليس هڪ بااثر جي چرچ تي اسان جي گهر ۾ داخل ٿي اسان جي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري گهر مان ڦرلٽ ڪئي ۽ پنج تولا سون، هڪ لک نقد رقم ۽ موبائل فونون کڻي ويا آهن.

هنن چيو ته 10 ڏينهن اڳ نور احمد نور جي ڀاءُ انور عادل مغيري کي به بااثر دوڙ ڀرسان پوليس هٿان کڻائي گم ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي 10 ڏينهن گذري ويا آهن. جنهن کي اڃان تائين پوليس ظاهر نٿي ڪري، جڏهن ته اسان مجبور تي روڊن تي نڪتا آهيون.