نوابشاهه ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي

news

نوابشاهه: ڪشمير ڪاميٽي ضلع شهيد بينظير آباد پاران ڪشميرن سان همدردي طور تاج ڪالوني ڦاٽڪ کان محمود اسلم ملڪ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مقرر رستن کان ٿيندي نوابشاهه پريس ڪلب پهتي جتي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پاران ڪشميرين جي حق ۾ ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪشميرين سان هن ڏک جي گهڙي ۾ شريڪ آهيون، هنن چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڪشميرين مظلومن مٿان ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

هنن چيو ته پاڪستان قوم پنھنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آھي ۽ ھو اڪيلا ناھن ۽ پاڪستان جو ھر شهري ڪشميري ڀائرن سان گڏ آھي. ھنن چيو ته جيڪڏهن اسان کي ڪشمير جي آزادي لاء قرباني ڏيڻي پئي ته پوئتي نه ھٽنداسين ۽ اسان هر حال ۾ قرباني ڏينداسين ۽ پاڪ فوج سان گڏ رت جي آخري ڦري تائين ڪشميري ڀائرن لاءِ ڀارت سان وڙهنداسين. اقوام متحده سميت انساني حقن جو تنظيمون بلڪل خاموش آهن.

هنن چيو ته ڪشميرين تي ڀارتي فوج پاران ٿيندڙ ظلم انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي ۽ ڀارت پاران ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي  وئي آهي. جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

هنن چيو ته اسان پاڪ فوج کي سلام پيش ڪيون ٿا. هنن چيو ته پاڪ فوج جون ملڪ لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن ۽ اسان پاڪ فوج سان هر وقت گڏ آهيون.