ملير لڳ جنسي زيادتي جو جوابدار گرفتار

news

ملير (رپورٽ: دريا خان شر) سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي جي حد ۾ جنسي زيادتي جي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

متاثر ڇوڪري جي والد جنسي زيادتي جو ڪيس داخل ڪرايو. پوليس  جوابدار کي ڪچي آبادي جي اسڪيم 33 ۾ ڇاپو ھڻي گرفتار ڪيو.

گرفتار جوابدار گھر آيل  ڀاڻيجي کي زيادتي جو  نشانو  بڻايو. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.