سڪرنڊ جي شاخن ۾ پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي روڪي فصل تباهه ڪيا پيا وڃن: سيد زين شاهه

news

سڪرنڊ: سڪرنڊ سنڌ آبادگار اڳواڻ سيد زين شاهه پاران سڪرنڊ جي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب پڇڙي تي قائم ھزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿيڻ خلاف سڪرنڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سڪرنڊ جي چئن شاخن جن ۾ سڪرنڊ شاخ، شھباز شاخ، ڇوٽي شاخ، ڇوٽي ريڻ شاخ ۽ راھب شاھ شاخ ۾ آبپاشي کاتي پاران ھٿرادو کوٽ ڪري پڇڙي جو پاڻي بند ڪيو ويو آھي.

جنھن سبب ھزارين ايڪڙ زمينون بنجر ٿي ويون آھن. جڏھن ته ايريگيشن کاتي جي ملازمن پاران شاخ ۾ ھٿرادو نوليون لڳائي لکين روپيا رشوت ورتي پئي وڃي.

آبادگارن پاران  شڪايتون ڪرڻ باوجود عمل نٿو ڪيو وڃي. ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته شاخ جي پڇڙي تائين پاڻي نه پھچايو ويو ته 24 سيپٽمبر تي ايڪسيئن آفيس نوابشاهه آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويندو.