چوهڙ جمالي لڳ ٽرڪ ڪلٽي، ٽي ڄڻا زخمي

news

چوھڙ جمالي: چوھڙجمالي ڀرسان قادرڏنو شاھ روڊ تي ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي. ڊرائيور سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

رپورٽ موجب چوھڙجمالي جي ويجھو قادر ڏنو شاھ مان ڪوئلو ڀري ڪراچي ويندڙ ٽرڪ مين روڊ تي ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ ڊرائيور محمد آصف سميت عمران ۽ غفار خان  سخت زخمي ٿي پيا جن کي زخمي حالت ۾ تعلقه اسپتال سجاول نيو ويو.