وفاقي وزارتن ۾ پندرنهن هزار ڇهه سئو ٽيهتر ارب روپين جي بي ضابطگين جو انڪشاف

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 14 سيپٽمبر2019ع) مالي سال 18-2017 ۾ وفاقي وزارتن ۾ 15 هزار 673 ارب روپين جي بي قاعدگين ۽ بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.

آڊيٽر جنرل پاڪستان 40 وفاقي ادارن جي گذريل مالي سال جي آڊٽ رپورٽ پارليامينٽ کي موڪلي آهي جنهن ۾ 51 ڪيسن ۾ 14 هزار 562 ارب روپين جي ڪمزور مالي انتظامن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ 292 ارب 97 ڪروڙ روپين جي ماليت جي ڪيسن ۾ قانون جي خلاف ورزي ۽ بي ضابطگين جڏهن ته 26 هزار 33 ڪيسن ۾ اڪائونٽنگ جي غلطين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

آڊيٽر جنرل جي رپورٽ هڪ لک 85 هزار 885 روپين جي ماليت جي ڪيسن ۾ وصولين، وڌيڪ ادائگين ۽ بي قاعدگين جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب آڊٽ جي نشاندهي تي 4 ارب 90 ڪروڙ روپين جون وصوليون ڪيون ويون. جڏهن ته 4 ڪيسن ۾ هڪ ارب روپين جي استعمال  جو رڪارڊ ئي ناهي ڏنو ويو.

اڊٽ رپورٽ ۾ ٻين 11 ڪيسن ۾ 86 ڪروڙ 20 لک روپين جي ماليت جي چوري، فراڊ  ۽ بدعنوانين جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي. 237 ڪيسن ۾ 29 ڪروڙ 1 لک روپين جي خلاف ضابطگ ادائيگين جي نشاندهي به رپورٽ جو حصو آهي.

آڊيٽر جنرل پاڪستان کي 50 وفاقي وزارتن جي آڊٽ جو اختيار آهي پر هي رپورٽ 40 وزارتن جي آڊٽ تي ٻڌل آهي ۽ هي پورٽ چارڊ بجيٽ ۽ ووٽڊ بجيٽ جي آڊٽ سان جوڙي وئي آهي.