ايندڙ چوويهه ڪلاڪن دوران جاڙن شهرن سميت ملڪ جي مختلف هنڌن تي برسات جو امڪان

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 14 سيپٽمبر2019ع) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران جاڙن شهرن سميت ملڪ جي مختلف هنڌن تي برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ڇنڇر جي ڏينهن ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهندو. جڏهن ته مالاڪنڊ، هزارا، مردان، پشاور، ڪوهاٽ، راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور، سرگودها ڊويزن، اسلام آباد، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ کِنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

گذريل ڏينهن ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهيو. جڏهن ته راولپنڊي ڊويزن ۽ اسلام آباد ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات پئي.

سڀني کان وڌيڪ برسات پنجاب، اسلام آباد(ايئرپورٽ 45، بوکره 14، گولڙه 02) منگلا 02، راولپنڊي(شمس آباد، چڪلالا 01) خيبرپختونخواهه، چراٽ 04 ملي بيٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڪالهه رڪارڊ ڪيل گرم ترين هنڌن جي گرمي پد ۾ سبي 44، بکر 42 ۽ ليه ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.