فلپائن جي صدر پاران عوام کي ڪرپٽ سرڪاري ملازمن کي گولي هڻڻ جو حڪم

news

فلپائن: (ڇنڇر 14 سيپٽمبر2019ع) فلپائن جي صدر روڊريگو ڊوٽيرٽي عوام کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته هو اهڙن سرڪاري ملازمن کي گولي هڻن جيڪي رشوت وٺندا هجن ۽ ڪرپشن ۾ ملوث هجن پر کين قتل نه ڪن، صرف زخمي ڪن.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب صدر عوام کي چيو آهي ته هو احتياط سان ڪم وٺندي راشي ۽ بدعنوان آفيسر کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏين. ڇو ته ان جي مارجي وڃڻ جي صورت ۾ ملڪ جو قانون مون کي ان ڳالهه جي اجازت نٿو ڏئي ته مان قتل ڪندڙ کي معاف ڪري ڇڏيان.

هن چيو ته ٽيڪس، فيس جي ادائيگي جي معاملي ۾ يا ڪوبه سرٽيفڪيٽ يا دستاويز ٺهرائڻ جي لاءِ جيڪڏهن ڪو سرڪاري ملازم اوهان کان رشوت گهري ته هتيار هجڻ جي صورت ۾ اوهان ان کي گولي هڻي سگهون ٿا.

سخت موقف رکندڙ فلپائني صدر عوام سان واعدو ڪيو آهي ته هو اهڙي قدم سان عوام کي جيل وڃڻ نه ڏيندو، اوهان کي صرف جسماني سزا ملندي.