پيپلزپارٽي بدين پاران وفاق جي غيرآئيني قدمن خلاف احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو

news

بدين: وفاقي حڪومت پاران ڪراچي مسئلي تي ڪميٽي ٺاهڻ ۽ وفاقي وزير قانون فروغ نسيم پاران ڪراچي ۾ آئين جي آرٽيڪل 149 لاڳو ڪري ڪراچي جا انتظامي معاملا وفاق حوالي ڪرڻ خلاف پ پ پ بدين پاران ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو، حاجي تاج محمد ملاح، ميرالله بخش ٽالپر، پ پ اڳواڻن عبدالغفور نظاماڻي، عبدالرحمان بلوچ، حاجي رسول بخش چانڊيو، اسلم راهو، امير حسن کوسو، ليڊيز اڳواڻن ساجده ٽالپر، امينه ملاح، حاجياڻي کوسو۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بينظير پارڪ کان بدين پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. جنهن دوران اڳواڻن چيوته پ پ پ سنڌ جي دنگن ۽ ننگن جي حقيقي محافظ آهي.

هنن وڌيڪ چيوته سنڌ ڌرتي جي ڪجھ غدارن سان گڏجي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو منصوبو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو.