بلاول ڀٽو مدئجي ڀرسان ڳوٺ ترائي پهتو، ذوالفقار ڪماريو سان تعزيت ڪئي

news

مدئجي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو مدئجي ڀرسان ڳوٺ ترائي ۾ ڪماريا هائوس پهتو. جتي هن پ پ شڪارپور جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪماريو سان سندس نياڻي جي لاڏاڻي تي عذرخواهي ڪري ڏک ونڊيو.

جنهن کانپوءِ هن ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيوته وفاق غيرآئيني طريقي سان ڪراچي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو پر وفاق کي سنڌين جي ردعمل جي خبر آهي.

سنڌي ڪڏهن به سنڌ سان هٿ چراند برداشت نه ڪندا. ڪٺ پتلي ۽ سليڪٽيڊ حڪومت جڏهن کان ٺاهي وئي آهي. تڏهن کان هنن سنڌ مخالف ايجندا تي عمل ڪيو آهي پوءِ اها ارڙهين ترميم سان هٿ چراند هجي، سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه يا وري سنڌ حڪومت کي ڪيرائڻ واريون سازشون هجن، کين هر موڙ تي ناڪامي ئي نصيب ٿي آهي.

مون پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ايئن ئي سنڌ جي عوام تي ظلم ٿيندو رهيو ته ان جا خطرناڪ اثر ٿيندا جنهن مان وفاق به بچي نه سگهندو.

مان اڄ به اهو ئي چوان ٿو ته جيڪڏهن وفاق کي بچائڻو آهي ته ان ڪٺ پتلي حڪومت پنهنجي نالائق وزيرن کي لغام ڏئي نه ته کين سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

اسان جمهوريت تي يقين رکون ٿا ۽ اسان ملڪي آئين جيڪو شهيد ذوالفقار ڀٽو ڏنو هو تنهن کي بچائڻ لاء هرممڪن ڪوششون وٺي رهيا آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آء، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم ملي سنڌ مخالف ۽ سنڌ حڪومت خلاف غير آئيني طريقي سان سنڌ حڪومت خلاف سازشون ڪري رهيا آهن.

ان موقعي پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو، صوبائي وزير سهيل انور سيال، ايم اين اي اعجازجکراڻي، ايم اين اي مير عابد ڀيو، خورشيد جوڻيجو، عاجز ڌامراهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.