سريلنڪا جي رانديگرن جو خوف ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جون ڪوششون جاري

news

لاهور: (آچر 15 سيپٽمبر2019ع) سريلنڪا جو خوف ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستاني ڪوششون جاري آهن جڏهن ته سفارتي ذريعا به استعمال ڪيا ويا آهن.

پاڪ سريلنڪا سيريز هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ شروع ٿيندي جنهن ۾ 3 هڪ ڏينهن وارا ۽ اوترا ئي ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏيا  ويندا. سريلنڪا  جي بورڊ گذريل ڏينهن پريس رليز ۾ ٻڌايو آهي ته وزيراعظم طرفان پاڪستان ۾ ٽيم تي امڪاني دهشتگردي جي اطلاع ملي آهي.

اتان جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ حڪومت سان رابطو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڪولمبو ۾ موجود پاڪستاني سفير سريلنڪا جي بچاءُ واري سيڪريٽري سان ملاقات ۾ دهشتگردي جي خطرن جا تفصيل پڇيا. هن بهترين سيڪيورٽي جو به يقين ڏياريو.

سريلنڪا جي بورڊ بچاءُ واري وزارت کي امڪاني خدشن جي باري ۾ تازي صورتحال ڄاڻڻ لاءِ رابطو ڪيو. امڪان اهوئي آهي ته سيڪيورٽي جو جائزو وٺڻ کان پوءِ سريلنڪا جي ٽيم جلد پاڪستان پهچي ويندي.