آمريڪا ۾ مسلسل ٽيهه ڪلاڪ تابوت ۾ گذاريندڙن لاءِ ڇهه سئو ڊالر انعام جو اعلان

news

واشنگٽن: (آچر 15 سيپٽمبر2019ع) خوف طاري ڪرڻ واري عجوبن تي ٻڌل هڪ امريڪي تهيم پارڪ مسلسل 30 ڪلاڪ تابوت ۾ گذاريندڙن جي لاءِ 600 ڊالر(94 هزار پاڪستاني روپيه) انعام جو اعلان ڪيو آهي.

سڪس فلگز نالي آمريڪي تهيم پارڪ 30 ساله ڪپلز کي فن چيلينج جي نالي سان هن مقابلي جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت هن پارڪ جي هڪ تنگ ۽ اونداهي جڳهه ۾ 3 جوڙا (مڙس زال، ڀيڻ، ڀاءُ، مائٽ، وارث پاڙيوارا يا گرل فرينڊ ۽ بواءِ فرينڊ وغيره) کي مسلسل  30 ڪلاڪن تائين تابوت ۾ رهڻو پوندو. هي مقابلو 27 سيپٽمبر جي صبح کان 28 سيپٽمبر جي شام تائين جاري رهندو جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن کي پارڪ انتظاميه طرفان ڊيڄارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي جڏهن ته ان دوران هو مخصوص وقتن کان سواءِ اسمارٽ فون يا ڪنهن به ٻئي برقي اوزار جو استعمال نٿا ڪري سگهن.

مقابلي جي لاءِ چونڊيل ميمبر جو صحتمند هجڻ ضروري آهي ڇو ته کيس 30 ڪلاڪ تائين صرف کائڻ يا حاجت جي لاءِ ئي تابوت مان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت هوندي. ان کان هٽي ڪري ڪنهن به ٻئي سبب جي ڪري تابوت مان ٻاهر نڪرڻ واري کي  نااهل قرار ڏئي مقابلي مان ڪڍيو ويندو. کٽيندڙ جوڙي کي 600 ڊالر ڪيش انعام کان علاوه گولڊ سيزن 2020 جا 2 عدد پاسز ۽ فرانٽ فيسٽ پرائز پيڪيج به ڏنا ويندا.

ڏٺو وڃي ته هن مقابلي جي لاءِ صرف 3 جوڙن جي ئي چونڊ ڪئي ويندي پر سڪس فليگز تهيم پارڪ انتظاميه جو چوڻ آهي ته انهن کي هينئر تائين هزارين درخواستون ملي چڪيون آهن. اهوئي ڪافي ناهي پر ڪجهه شوقينن ته هينئر کان ئي تابوتن ۾ سمهي تصويرون به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.