ڪي پي ڪي ۾ ڊينگي سبب متاثر ماڻهن جو انگ وڌي ويو

news

پشاور: (آچر 15 سيپٽمبر2019ع) خيبرپختونخواهه ۾ ڊينگي سبب متاثر ماڻهن جو انگ 1189 تائين پهچي ويو آهي.

ڪي پي ڪي جي مختلف ضلعن ۾ ڊينگي وائرس وبائي صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي. جڏهن ته انتظاميه طرفان سمورين ڪوششن باوجود ان مرض تي اڃان تائين قابو ناهي پاتو ويو.

خيبرپختونخواهه جي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 98 نوان ڊينگي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

پشاور ۾ وڌيڪ 55 ماڻهن کي ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي آهي. ان کان علاوه سوات، شانگلا، بٽگرام ۾ 9.9 مانسهره 6، صوابي 5، جڏهن ته مردان، لوئر دير ۽ بونير ۾ 4-4 مريضن ۾ ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي آهي.

اهڙي طرح هلندڙ سال صوبي ۾ ڊينگي وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 1189 تائين پهچي ويو آهي.