پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ جمهوريت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي

news

اسلام آباد: (آچر 15 سيپٽمبر2019ع) پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ 15 سيپٽمبر آچر جي ڏينهن جمهوريت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد غير جمهوري قوتن جو رستو روڪڻ ۽ جمهوريت لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ عوامي شعور کي اجاگر ڪرڻ آهي.

ان سلسلي ۾ سموري ملڪ ۾ سمورين سياسي پارٽين جي طرفان سيمينار ۽ تقريبون به منعقد ڪيون وينديون آهن.