شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ اهم ملاقات اڄ ٿيندي

news

لاهور: (آچر 15 سيپٽمبر2019ع) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ اهم ملاقات اڄ ٿيندي.

مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب موجب ملاقات اڄ شام جو 7 بجي لاهور ۾ شهباز شريف جي رهائشگاهه تي ٿيندي. هن ٻڌايو ته ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال ۽ اهم قومي معاملن تي  ڳالهيون ڪيون وينديون. مريم اورنگزيب چيو ته آڪٽوبر ۾ مولانا فضل الرحمان جي اسلام آباد کي لاڪ ڊائون جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون وينديون.

هن چيو ته مستقبل جي سياسي حڪمت عملي تي به مشاورت ڪئي ويندي. گذريل هفتي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان جاويد لطيف تصديق ڪندي چيو هو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف مولانا فضل الرحمان کي لانگ مارچ جي حمايت جو پيغام پهچايو هو.

ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ لاڪ ڊائون جي حوالي سان جي يو آءِ(ف) حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي جنهن موجب هر ضلعي مان 200 کان وڌيڪ رضاڪار تيار ڪيا ويندا. 10 هزار رضاڪارن کي ڌرڻي کان اڳ ئي اسلام  آباد پهچايو ويندو.

جڏهن ته پهرين کان موجود رضاڪار ڌرڻي جي سيڪيورٽي ۽ ٻيا انتظام سنڀاليندا. ذريعن موجب مختلف جڳهين تان نڪرندڙ قافلن کي روڪڻ جي صورت ۾ ان ئي هنڌ تي ڌرڻا هنيا ويندا. مقامي اڳواڻن کي ٻين پارٽين جو انتظار ڪرڻ بنا ئي تياريون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.