ماءُ ۽ اولاد جي وچ ۾ محبت کي سوشل ميڊيا تي روشناس ڪرائيندڙ پاڪستاني اداڪارائون

news

ڪراچي: (آچر 15 سيپٽمبر2019ع) شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ ماڻهو نالو ۽ پئسا ڪمائڻ جي لاءِ بالڪل اهڙي ئي محنت ڪندا آهن جهڙي ڪنهن ٻئي شعبي ۾ ماڻهو پنهنجي ڪم کي محنت سان ڪندا آهن.

فرق صرف ايترو آهي ته شوبز سان لاڳاپيل ماڻهو روايتي انداز ۾ ڪم ناهن ڪندا پر اڪثر ان جي ڪم ڪرڻ جو ڪوبه وقت مقرر ناهي هوندو. لهذا اهڙي صورتحال ۾ اداڪارائون پنهنجي گهر ۽ ٻارن جي لاءِ به وقت ڪڍڻ ڪافي مشڪل هوندو آهي پر ان جو اهو مطلب ناهي ته ان جي محبت ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي پر هو به پنهنجي ٻارن سان اهڙي ئي محبت ڪندا آهن جهڙي طرح ٻيون مائرون پنهنجي اولاد سان محبت ڪنديون آهن.

پاڪستان شوبز انڊسٽري ۾ ڪيتريون ئي فنڪارائون آهن جيڪي گهر ۽ ڪم جي ذميواريون سٺي طريقي سان نڀائي رهيون آهن. اهڙين ئي مائرن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن جن ۾ هي اداڪارائون پنهنجي ٻارن سان محبت جو اظهار ڪندي نظر اچي رهيون آهن.