پاڪستاني باڪسر محمد وسيم دبئي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ملڪ واپس پهچي ويو

news

اسلام آباد: (آچر 15 سيپٽمبر2019ع) پاڪستاني باڪسر محمد وسيم دبئي ۾ منعقد پروفيشنل بائوٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ملڪ واپس پهتو ته شاندار استقبال جي بجاءِ کيس ٽيڪسي ۾ ويهي روانو ٿيڻو پئجي ويو.

محمد وسيم دبئي ۾ منعقد پروفيشنل بائوٽ ۾ فلپائن جي باڪسر کي پهرين ئي رائونڊ ۾ ناڪ آئوٽ ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

هن پنهنجي ڪاميابي والاريل ڪشمير جي عوام جي نالي ڪئي هئي. محمد وسيم ڪاميابي کان پوءِ ملڪ واپس پهتو ته اسلام آباد ايئرپورٽ تي ان جي استقبال جي لاءِ ڪوبه حڪومتي نمائندو ئي نه پهتو ۽ محمد وسيم نجي ڪمپني جي ٽيڪسي سروس تي روانو ٿي ويو.

ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي محمد وسيم چيو ته مان ملڪ ۽ قوم جي لاءِ محنت ڪئي آهي. دبئي ۾ مقابلي کان اڳ آفريڪي فائٽر کان به مقابلو کٽيو هو. وڌيڪ مقابلا به کٽي تاريخ بنائيندس ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪندو رهندس. ٽاپ 5 ۾ اچي ورلڊ ٽائل جي لاءِ مقابلو ڪندس. پاڪستان ۾ ورلڊ ٽائٽل ميچ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهيان.