قانون واري وزارت ۾ به ملازمن لاءِ سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي

news

اسلام آباد: آچر15سيپٽمبر2019ع: قانون واري وزارت به ملازمن لاءِ سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪريڇ ڏي آهي.

قانون واري وزارت سمارٽ فون جي استعمال تيپ ابندي بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب ڊيوٽي دوران گريٽ هڪ کان 15 تائين جا ملازم سمارٽ فون استعمال نه ڪري سگهندا، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ان کان علاه گريڊ 16 ۽ ان جي هيٺئين گريڊ جي ملازمن جي مهمانن جي به قانون ۽ انصاف واري وزارت ۾ داخلا بند ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب پابندي جو مقصد حڪومت طرفان قانونسازي ۽ ٻين حساس دستاويزن جي چوري کي روڪڻ آهي، وزارت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ايڪشن ورتو ويندو.