جيل پوليس جو اي ايس آءِ رهواسين لاءِ عذاب بڻيل، مختلف هنڌن تي هٿياربند ويهاري قبضا ڪرائڻ لڳو

news

ملير: آچر15سيپٽمبر2019ع: جيل پوليس ۾ مقرر اي ايس آءِ رهواسين لاء عذاب بڻجي ويو، بااثر قبضا مافيا ۽ شاهه لطيف ٿاڻي جي ڪمپلين سيل ايس ايس پي جا حڪم به هوا ۾ اڏائي ڇڏيا، سڪندر راڄپر ڳوٺ در محمد خروس سميت ٻين مختلف هنڌن تي پنهنجا هٿياربند ويهاري قبضا ڪرائڻ لڳو، شاهه لطيف ٿاڻي ۾ قائم ڪمپلين سيل به مسڪينن غريبن جون شڪايتون ٻڌڻ بدران قبضا مافيا جو ساٿ ڏيڻ لڳي.

تفصيل موجب جيل کاتي ۾ مقرر اي ايس آء سڪندر راڄپر وردي جو غلط استعمال ڪري پنهنجن هٿياربندن ذريعي قبضا ڪرڻ لڳو، قبضا مافيا ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي اصل مالڪن کي پريشان ڪرڻ لڳا،ڳوٺ در محمد خروس ۾ صحافي منصور علي جروار پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي منصور جروار چيو ته سڪندر راڄپر ۽ الله ڏنو راڄپر منهنجي پلاٽ جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي قبضو ڪري منهنجي گهرايل مٽيريل مان  پلاٽ تي ڪم ڪرائي رهيا آهن، ڪاغذن جي تصديق ۽ ايس ايڇ او وٽ ڳالهين ۾ به قبضو ڪندڙ ڪوڙا ثابت ٿيا، تنهن باوجود جوابدار قبضو ختم نه ٿا ڪن، مسلسل دانهڻ باوجود ڪو کڙ تيل نه نٿو نڪري، بااثر اي ايس آء ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، منهنجي وڏي وزير،  آء جي سنڌ ۽ آء جي جيلز سميت ٻين وس وارن کي اپيل آهي ته مونکي تحفظ فراهم ڪري قبضا مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.