نوابشاهه ۾ ميڊيڪل ۾ داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي وئي

news

نوابشاهه: پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي فار وومين جي سال 2019.20 ۾ ايم بي بي ايس جي 250 سيٽن لاء پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي جي نيو ڪيمپس ۾ اين ٽي ايس طرفان ٽيسٽ ورتي وئي جنهن ۾ 1696 اميدوارن حصو ورتو.

انهي موقعي تي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي فار وومين جي وقتي وائس چانسلر پروفيسر گلشن ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته ايم بي بي ايس جي داخلا لاءِ سڄي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن ۽ نوابشاهه ۾ به سينٽر قائم ڪيو ويو آهي.

جنهن ۾ لڳ ڀڳ 1700 شاگردياڻيون ۽ شاگرد اين ٽي ايس جي ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن ۽ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي جون 250 سيٽون آهن جنهن 165 ميريٽ 39 سيلف فنانس ۽ 46 سيٽون غير ملڪي شاگردياڻين لاء رکيو ويون آهن.

انهي موقعي تي ڊاڪٽر فريده وڳڻ، ڊاڪٽر شمس الدين شيخ، ڊاڪٽر ياسر وڳڻ، ڊاڪٽر عقيل عباسي ۽ ٻيا موجود هئا.