والاريل ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون جو ٻائيتاليهو ڏينهن، قابض فوج هٿان ٽي ڪشميري شهيد

news

سري نگر: آچر15سيپٽمبر2019ع: والاريل جمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز طرفان رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي. قابض ڀارتي فوج طرفان والاريل جمون ۽ ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون لڳاتار 42 ڏينهن کان جاري آهي جنهن سبب وادي ۾ انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي.

لاڪ ڊائون سبب والاريل وادي ۾ ٻارن جي کير، دوائن ۽ ضروري شين جي سخت کوٽ ٿي وئي جڏهن ته ٽيليفون، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس لڳاتار بند آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي ۾ 3 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو.

ڪي ايم سي ٻڌايو ته ٻن نوجوانن کي ڪٺوعا ضلعي ۾ هڪ جعلي مقابلي ۾ شهيد ڪيو ويو جڏهن ته هڪ کي حراست دوران شهيد ڪيو ويو جنهن جي سڃاڻپ اخلاق احمد جي نالي سان ٿي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب غاصب ڀارتي فوج طرفان هينئر تائين 40 هزار کان وڌيڪ ڪمشيرين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ڪي ايم سي ٻڌايو ته سمورين بندشن باوجود ڀارتي فورسز ڪشميرين جو جذبو آزادي نه دٻائي سگهي، ڀارت خلاف مظاهرن جو سلسلو جاري آهي ۽ روزانو 20 تائين مظاهرا ٿيندا آهن، 42 ڏينهن ۾ والاريل وادي ۾ 722 احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.