پيپلز پارٽي آرٽيڪل هڪ سئو اُڻونجاهه جي مخالفت ڪري ٿي: خورشيد شاهه

news

سانگهڙ: آچر15سيپٽمبر2019ع: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي 18 هين ترميم وسيلي صوبن ۽ وفاق کي مضبوط ڪيو، بلاول ڀٽو جي آرٽيڪل 149 بابت بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، پيپلز پارٽي آرٽيڪل 149 جي مخالفت ڪري ٿي.

سانگهڙ جي تعلقي ڄام نواز علي ۾ خورشيد شاهه ايم پي اي ڄام مدد علي سان والدا جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا نمائندن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته آرٽيڪل 149 جي سنڌ ۾ ڪهڙي ضرورت هئي؟ ان وقت ملڪ جون حالتون خراب ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ ڪچري کي بهانو بڻائي آرٽيڪل 149 جي تحت ڪراچي جو نظام پاڻ وٽ رکڻ گهري ٿي، 18 هين ترميم جي تحت وفاق کي ڪوبه حق حاصل ناهي ته هو صوبي ۾ مداخلت ڪري.