آئل فيلڊز تي حملا: اسان تيار ۽ نشانه بند آهيون، سعودي عرب جي جواب جو انتظار آهي: ٽرمپ

news

واشنگٽن: (سومر 16 سيپٽمبر2019ع) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب جي آئل ريفائنرين تي حملن کان پوءِ پنهنجي رد عمل ۾ اهم پيغام جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر چيو آهي ته حملي جي ڪري تيل جي قيمتن تي اثر پئجي سگهن ٿا. هن چيو ته مان محفوظ ذخيرن مان تيل جاري ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. تيل جي مقدار جو تعين مارڪيٽ جي ضرورت موجب ڪيو ويندو. 

آمريڪي صدر چيو ته مان سمورين ايجنسين کي به پائپ لائنن تي ڪم تيز ڪرڻ جي اطلاع ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته ٽيڪساس ۽ ٻين رياستن مان به اجازت جو عمل جاري آهي.

صدر ٽرمپ چيو ته سعودي عرب جي آئل ريفائنري تي حملو ڪيو ويو. يقين ڪريو اسان  کي ڏوهاري جي خبر آهي، اسان نشانه ۽ هٿياربند آهيون پر تصديق تي منحصر آهي. سعودي عرب جو انتظار ڪري رهيا آهيون ته هو ڪنهن کي ان حملي جو ڏوهاري سمجهي ٿو ۽ ڪهڙين شرطن تي اسان کي اڳيان وڌڻو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن سعودي عرب ۾ تيل جي ٻن وڏين فيلڊز تي ڊرون حملا ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي آئل فيلڊز ۾ باهه لڳي وئي هئي جڏهن ته عارضي طور تي تيل جي سپلاءِ به معطل  ٿي وئي هئي. حوثي باغين طرفان حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو ويو هو ته آئل فيلڊز تي 10 ميزائل فائر ڪيا ويا آهن.